پارس حميد

پارس حميد

پارس حميد

پارس حميد: مشهور شاعر پارس حميد جو اصل نالو حميد الحق قاضي آهي. هن پهرين جنوري 1957ع تي ڳوٺ گاهي خان جلباڻي لڳ خانواهڻ، تعلقي ڪنڊياري، ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو. ايم. اي (ايڪنامڪس: 1983ع)، ۽ ايل. ايل. بي (1985ع) تائين تعليم حاصل ڪئي. پارس حميد سٺو شاعر ۽ نثرنگار هو. 1976ع کان سندس شاعري، ادبي مضمون ۽ مقالا، مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندا رهيا آهن ۽ سندس شاعريءَ جو ڪتاب ”هٿ ترين تي روشن دک“ (2006ع) ۽ ”ديس پرديس“ (ترتيب)، سنڌي ادبي سنگت خانواهڻ پاران 1981ع ۾ ڇپيل آهي. پارس حميد ڪورونا سبب 30 ڊسمبر 2020ع تي وفات ڪئي، کيس 31 ڊسمبر 2020ع تي، حيدرآباد جي بابن شاهه قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.


لفظ پارس حميدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2020.12.30  عيسوي

پارس حميد ڪورونا سبب 30 ڊسمبر 2020ع تي وفات ڪئي، کيس 31 ڊسمبر 2020ع تي، حيدرآباد جي بابن شاهه قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.


1957.01.01  عيسوي

ناليواري شاعر پارس حميد جو اصل نالو حميد الحق قاضي آهي. هن پهرين جنوري 1957ع تي، ڳوٺ گاهي خان جلباڻي لڳ خانواهڻ، تعلقي ڪنڊياري، ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پير بخاري1
سردار بهادر محمد بخش ڪوجھي
حڪيم حاجي محمد حسين شيخ
خدابخش قاضي مورائي
دلير دِل خان
پاٽائي محمود صديقي
آشا درگاپوري
ڌڻيءَ پرتو سميجو
عالي فقير ڀاڳت
نيڪ محمد سومرو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون